حويليان(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي تحصيل حويليان جو چيئرمين عاطف خان جدون راڪيٽ لانچر جي حملي ۾ 8 ساٿين سميت مارجي ويو. پوليس موجب عاطف خان جدون جي گاڏي کي حويليان ويجهو لنگرا وٽ نشانو بڻايو ويو ۽ سندس گاڏي تي راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته راڪيٽ لانچر حملي کانپوءِ ڪار کي باهه لڳي وئي، جنهن ۾ عاطف خان جدون سميت ڪار ۾ سوار 8 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. واضح رهي ته عاطف خان جدون جو تعلق پاڪستان تحريڪ انصاف سان آهي ۽ سندس سوئٽن سان ٻن ڏهاڪن کان خانداني دشمني هلندڙ آهي. 2015 ۾ هن تي پنهنجي سوٽ خان جدون تي حملي جو الزام هو جنهن ۾ خان جدون جا 7 ساٿي مارجي ويا هئا ۽ کيس چونڊن م به شڪست ٿي هئي. بعد ۾ خان جدون جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو ۽ ٻڌڻي بعد واپس ايندي خان جدون به قتل ٿي ويو هو ۽ بعد ۾ ڪيس مان عاطف منصف جدون ۽ بيا آزاد ٿي ويا هئا.










