ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڊانسر ۽ اداڪارا راکي ساونت چيو هي ته هوءَ مفتي قوي سان شادي م سنجيده ناهي اڳ ۾ مون مذاق ۾ مفتي قوي کي چيو هو ته هو کيس سنڀالي نه سگهندو. راکي ساونت تازو ئي پاڪستاني مذهبي اسڪالر مفتي عبدالقوي سان شادي جي تجويز جي ڪري خبرن ۾ آهي، مفتي قوي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ راکي سان شادي ڪرڻ جي مشروط خواهش جو اظهار ڪيو هو. راکي طنزيه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو هو ته هوءَ مولانا سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي ۽ مفتي قوي کان شاعري جي به فرمائش ڪئي هئي. هاڻي راکي ساونت چيو آهي ته هوءَ مفتي قوي سان شادي ۾ سنجيده ناهي ۽ هن شادي جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي آهي.










