راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات

راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات

راولپنڊي / اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ چڱي برسات بعد هيٺيان علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. واسا جي ايم ڊي موجب نالي لئي (ڪٽارياں) ۾ پاڻيءَ جي سطح 20 فٽن تائين پهچڻ بعد خطري جا سائرن وڄايا ويا آهن ۽ نالي جي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن کي فوري طور علائقو خالي ڪرڻ جي هدائت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پيرودھائي، گجرات ۽ سيالڪوٽ ۾ به برساتن جو سلسلو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو