لاهور(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ 14،2 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 157 رنز ٺاهي راولپنڊي کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني. بظاهر آسان ٽارگيٽ لاءِ سمير منهاس ۽ ڊيون ڪانوي اننگ شروع ڪئي، ڪانوي 11 بالن تي 6 رنز ٺاهي محمد عامر جي بال تي ڪيچ ٿيو، سمير منهاس زبردست شاٽ کيڏيا ۽ 25 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 70 رنز ٺاهي جلال خان جي بال تي ڊيرل مچل هٿان ڪيچ ٿيو. هن 7 چوڪا ۽ 4 ڇڪا هنيا. پوئين ميچ ۾ هو 80 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو هو، ون ڊائون محمد فائق 19 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. حيدر علي 26 ۽ مارڪ چيپمين 24 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. پي ايس ايل جو ٻارهون ميچ قذافي اسٽيڊيم م کيڏيو ويو. اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. راولپنڊي 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنز ٺاهيون. اوپنر ياسر خان ۽ ڪپتان محمد رضوان ٻه ٻه رنز ٺاهي جلدي آئوٽ ٿيا، ون ڊائون ڪامران غلام ففٽي مڪمل ڪري آئوٽ ٿيو، ڊيرل مچل 19 ۽ سيم بلنگز 7، رشاد حسين 3 ۽ عبد الله فضل 23 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڊيان فوريسٽر 19 بالن تي 44 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.










