راهول گانڌي نااهل قرار ،ڀارتي پارليمنٽ جو فيصلو

راهول گانڌي نااهل قرار ،ڀارتي پارليمنٽ جو فيصلو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي پارليامينٽ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي پارليامينٽ راهول گانڌي کي گذريل ڏينهن ڀارتي عدالت طرفان توهين عدالت جي فيصلي بعد نااهل قرار ڏئي ڇڏيو هو.ڪانگريس اڳواڻ 2019ع ۾ چونڊ ريلي دوران مودي جي سرنام بابت بيان ڏنو هو، گذريل ڏينهن عدالت راهول گانڌي کي ٻن سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي هئي ۽ فوري ضمانت ڏني هئي. واضح رهي ته راهول گانڌي ڀارتي رياست ڪيرالا مان لوڪ سڀا (لوئر هائوس) جو ميمبر چونڊجي ويو هو، لوڪ سڀا سيڪريٽريٽ راهول گانڌي جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.راهول گانڌي خلاف ڪيس بي جي پي ايم ايل اي ۽ اڳوڻي وزير پرنيش مودي پاران داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ راهول گانڌي تي الزام لڳايو ويو هو ته هو مودي جي نالي وارن ماڻهن کي چور سڏيندو هو.راهول گانڌي اهو بيان 2019ع ۾ لوڪ سڀا جي چونڊ مهم دوران هڪ ريلي دوران ڏنو هو، جنهن خلاف درخواستگذار جو موقف هو ته راهول گانڌي سڄي مودي برادري جي بي عزتي ڪئي آهي. گجرات جي عدالت راهول گانڌي جي 30 ڏينهن لاءِ ضمانت منظور ڪري ورتي، راهول گانڌي عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو