لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور ڳائڻي راحت فتح علي خان جي هڪ نئين وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.وائرل ٿيل ان وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عالمي شهرت يافته گلوڪار راحت فتح علي خان پنهنجي دوست کي سيني تي ڀاڪر پائي رهيو آهي.راحت فتح علي خان چوي ٿو هي منهنجو نصرت فتح علي خان آهي، هي حاجي نقيب اقبال آهي، هن کي تنگ نه ڪريو.راحت فتح علي خان وڌيڪ چيو ته هي منهنجي زندگي آهي، هڪ آهيون ۽ هڪ رهنداسين.هن وڊيو ۾ ڪئميرا جي پويان بيٺل ڪنهن جو آواز به ٻڌي سگهجي ٿو، وڊيو مان لڳي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه راحت فتح علي خان ڪري رهيو آهي.










