راڄن پور جو ڪچو ڌاڙيلن کان خالي ڪرايو آهي: مريم

راڄن پور جو ڪچو ڌاڙيلن کان خالي ڪرايو آهي: مريم

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته راجن پور ۽ ڪچي جو علائقو ڌاڙيلن کان 100 سيڪڙو خالي ڪرايو ويو آهي.ڪچي ۾ آپريشن تي اجلاس کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن رياست جي اندر هڪ ٻئي رياست ٺاهي رکي هئي جتي خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو هو. ماڻهن کي هني ٽريپ جي ذريعي اغوا ڪيو ويندو هو.هن چيو ته مون کي ٻڌايو ويو هو ته ڪچي ۾ آپريشن تمام گهڻو مشڪل آهي، اسان رحيم يار خان ۽ راجن پور جي ڪچي جي علائقن مان ڌاڙيلن جي خلاف فيصله ڪن آپريشن شروع ڪيو، پاڪ فوج آپريشن جي دوران پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪئي، ڪچي جي علائقن ۾ ٽيڪنالاجي جي مدد سان هڪ هڪ ڌاڙيل کي ٽريڪ ڪيو ويو.هن ٻڌايو ته آپريشن جي دوران جديد ترين سرويلنس ۽ هيومن سرويلنس جو استعمال ڪيو ويو. ڌاڙيلن جي چرپر تي نظر رکڻ جي لاءِ ڊرون ڪيمرائن جو استعمال ڪيو ويو. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جو به ٿورو ادا ڪريان ٿي ته انهن به آپريشن دوران ڀرپور ساٿ ڏنو.مريم نواز چيو ته راجن پور ۽ ڪچي جو علائقو 100 سيڪڙو ڌاڙيلن کان خالي ڪرايو ويو آهي. حڪومت جي رٽ اهڙن علائقن ۾ بحال ٿي وئي آهي. انهي آپريشن ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، خوف جي علائقي مان قانون جي عملداري جو علائقو بڻجي ويو آهي.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته رياست جي رٽ کي چيلينج ڪندڙن جي لاءِ ڪابه رعايت نه آهي. ڪچي جي ڌاڙيلن لاءِ هاڻ ڪابه پناهگاهه نه آهي. 500 کان وڌيڪ ڌاڙيلن سرنڊر ڪيو. الحمدالله پنجاب هاڻ محفوظ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو