رات 10 وڳي کان پوءِ ڪاروبار ڪندڙنن تي 2 لک ڏنڊ لڳندو

رات 10 وڳي کان پوءِ ڪاروبار ڪندڙنن تي 2 لک ڏنڊ لڳندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ رات 10 وڳي کان پوءِ ڪاروبار ڪندڙ مارڪيٽن مٿان 2 لک روپيه ڏنڊ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سيڪريٽري جنرل لاهور سپر مارڪيٽ محمد عمران سليم عدالت ۾ پيش ٿيو. سيڪريٽري جنرل چيو ته عدالت کي درخواست ڪريان ٿو ته تاحيات رات 10 وڳي مارڪيٽون بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري اسان سڀني دڪاندارن ان تي اتفاق ڪري ورتو آهي.عدالت طرفان ريمارڪس ڏنا ويا ته اسان کي خوشي ٿي اوهان جا لفظ ٻڌي. اسان کي پنهنجي زندگي گذارڻ جو طريقو تبديل ڪرڻو پوندو. لاهور ۾ ٿيندڙ شادين ۾ ون ڊش جي ڀڃڪڙي تي به غور ڪيو پيو وڃي. عدالت سي سي پي او لاهور ۽ ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻين آفيرسن کي فوري طور تي حڪم تي عمل ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. عدالتي حڪم ۾ رات 10 وڳي کان پوءِ لاهور ۾ شادي جون تقريبون روڪڻ جو به اشارو ڏنو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو