ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻ  ٿيندو

ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻ ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ٿيندو جنهن ۾ چنڊ جي ڏسڻ جو اعلان ڪيو ويندو مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاڪستان جو اجلاس 19 جون سومر ڏينهن عصر نماز کان پوءِ موسميات کاتي ڪراچي جي آفيس ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين سيد عبدالخبير آزاد ڪندو. ڪراچي ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي مرڪزي اجلاس کان علاوه اسلاباد، لاهور پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن هنڌن تي هڪ ئي وقت ٿيندا ڪلائيمنٽ ڊيٽا پروسيسنگ سينتر مطابق پاڪستان ۾ ذوالحج جو چوڻ 19 جون تي نظر اچڻ جو قوي امڪان آهي جنهن جي نتيجي ۾ عيدالضحيٰ 29 جون خميس ڏينهن ٿي سگهي ٿي سي ڊي پي سي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته چنڊ جي پيدائش 18 جون جي رات 9 لڳي 37 منٽن تي ٿيندي پاڪستان ۾ 20 جون تي پهرين ذوالحج ڏيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو حتمي اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو