سکر(جيئرام داس )پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي ملڪ جا حڪمران ۽ ادارا پنهنجي ذاتي ايجنڊا جي تڪميل لاءِ رياستي ادارن کي استعمال ڪري رهيا آهن،اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ دستار فضيلت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو،هن چيو ته اسلامي ملڪ ۽ تهذيب جي تحفظ بجاء مغربي ايجنڊا تي عمل پيرا آهن۔انگريز دور ۾ به اهڙن ماڻهن غداري جو اعلان ڪري انهن سان وفاداري جو اعلان ڪيو۔ اسان اهڙي مغربي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين۔

مغربي خواهش تي مدرسن جي نصاب کي تبديل ڪيو پيو وڃي۔ ڪڏهن قومي ڌاري جي نالي تي جڏهن ڪلين شيو ڪري پينٽ پائين تڏهن قومي ڌارا ۾ شامل سمجهن ٿا۔ اهو اسان جو قوبي لباس ناهي، قومي ڌارو اهو آهي جنهن تي اسان پيا هليون اوهان مغربي رستو پيا ٻڌايو۔ جنرل مشرف به ماڊل ديني مدرسا قائم ڪيا اهي ڪٿي آهن نظر ئي نٿا اچن۔ هن چيو ته حڪومت به پنهنجو نصاب وارا مدرسي ٺاهيا آهن ڪو به نه ويندو اسان پننهنجي جڳهه تي موجود آهيون نوان طريقا ۽ لفظ توهان جي شڪست کي ظاهر ڪري ٿو هي ڌانڌلي جي حڪومت آهي هي اسان جي حڪومت ناهي۔ ووٽ جي چوري واري حڪومت آهي جنهن کي اسان تسليم ناهيون ڪندا،هن حڪومت کي تسليم نٿا ڪريون جنهن خلاف جنگ جاري رهندي ،هن حڪومت مهانگائي، غربت، بک ۽ بدحالي ڏني آهي۔ آخر ڇو والدين ٻارن کي ڪئنالن ۾ ڦٽو ٿا ڪن۔ والدين ٻارڙن کي زبح ٿا ڪن، مائو ٻار وڪرو ڪن ٿيون ايندڙ وقت ۾ به بهتري جي اميد ناهي قوم کي ڪوڙيون تسليون ڏنيون وينديون آهن.

اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازم احتجاج تي آهن ڪو اهڙو مڪتب فڪر ناهي جيڪو احتجاج نه پيو ڪري، پر حڪومت پنهنجي بقا لاء جيڪو ڪري سگهي ٿي اهو ڪري پئي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙا نفرت جوڳا حڪمران ناهن آيا۔ ادارن ۽ سياستدانن کي ملڪ جو وفادار هجڻ گهرجي۔ ادارا آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪن۔ هن چيو ته توهان پنهنجي دائري ۽سياستدان پنهنجي دائري ۾ رهن ان دوران احترام وارو رابطو هجي۔ جڏهن اقتدار تي جبري قبضو ٿيندو ته اهو شرعي طور به جائز ناهي۔ سياست کي سمجهڻو آهي ته اسان کان سکو، ملڪ جي معيشت ناڪام آهي، سفارتي لحاظ کان به پوئتي آهيون۔ خطي جا ٻيا ملڪ به اسان کان اڳتي آهن 26 مارچ تي اسلام آباد طرف مارچ ڪيو ويندو، حڪمرانن کي انساني سمنڊ وهائي ويندو۔










