دپيڪا پڊوڪون 39 سالن جي ٿي وئي

دپيڪا پڊوڪون 39 سالن جي ٿي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون زندگيءَ جون 39 بهارون ڏٺيون آهن.دپيڪا پڊوڪون کي سندس 39 هين سالگرهه تي سوشل ميڊيا تي مداحن ۽ ساٿي فنڪارن طرفان سالگرهه جون واڌايون پڻ ملي رهيون آهن. اداڪارا ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 2007 ۾ شاهه رخ خان جي فلم ’اوم شانتي اوم‘ سان ڪئي ۽ خوش قسمتيءَ سان سندس ڪيريئر جي اها پهرين فلم باڪس آفيس تي وڏي ڪاميابي ماڻي.پنهنجي فلمي ڪيريئر کان علاوه اداڪارا جي خانگي زندگي بابت ڳالهائيندي، هن 2018 ۾ پنهنجي ڪو اسٽار رنوير سنگهه سان شادي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو