دپيڪا پڊوڪون پرڀاس سان ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيترو معاوضو ورتو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ڏکڻ هندستاني فلمن جي سپر اسٽار پرڀاس سان گڏ فلم ”پروجيڪٽ ڪي“ ۾ ڪم ڪرڻ جو وڏو معاوضو وصول ڪيو.پروجيڪٽ ڪي، ناگ اشون جي هدايتڪاري ۾، باهوبلي اسٽار پرڀاس ۽ ديپيڪا پڊوڪون سان گڏ ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن به اسڪرين تي نظر ايندو.ڀارتي ميڊيا تي اها دلچسپ خبر سامهون آئي آهي ته دپيڪا پڊوڪون کي فلم ”پروجيڪٽ ڪي“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 10 ڪروڙ ڀارتي رپيا کان وڌيڪ معاوضو ڏنو ويو هو. اداڪارا جي قسمت هن سال جي شروعات کان ئي عروج تي آهي، پهرين سندس فلم ”پٺاڻ“ ڀارتي سئنيما جي سڀ کان وڏي بلاڪ بسٽر فلمن جي لسٽ ۾ داخل ٿي هئي ۽ هاڻي هوءَ آسڪر ايوارڊز ۾ پريزينٽر طور نظر ايندي. تازو ئي اداڪارا پيرس فيشن ويڪ ۾ شرڪت ڪئي ۽ هاڻ آسڪر ايوارڊز ۾ شرڪت لاءِ لاس اينجلس ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو