پشاور:(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي علائقي لوئر دير ۾ پوليس اهلڪار فائرنگ ڪري پنهنجي گهر واري، ڌيءَ ۽ ڊرائيور کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب اهلڪار محمود جان پنهنجي سالي سان ملي گهر واري، ڌيءَ ۽ ڊرائيور کي قتل ڪيو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاشن کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس ذريعن موجب فائرنگ ڪندڙ اهلڪار محمود جان هو ۽ هن گاڏي ۾ پنهنجي ئي زال، ڌيءَ ۽ ڊرائيور کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو. جڏهن ته پوليس قتل ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.










