ڇٽل آباد ويجهو ٻٻر۽ ٿهيم برادري ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا قتل

ڇٽل آباد ويجهو ٻٻر۽ ٿهيم برادري ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا قتل

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي دودا پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇٽل آباد ۾ زمين جي مالڪي تان ٿهيم ۽ ٻٻر برادري ۾ خوني جهيڙو، جھيڙي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا ٿڏي تي قتل جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪئي ڪلاڪن تائين علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاء، پوليس غائب لاش ۽ زخمين کي ڳڙهي خيرو جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ڌريون مورچا بند، تفصيل موجب، دوداپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇٽل آباد ۾ زمين جي مالڪي تان ٿهيم ۽ ٻٻر برادري ۾ خوني جهيڙو فائرنگ، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڌر جا نصرالدين ولد صاحب ڏنو، نصير ولد نصرالدين، ولد، دائم ولد گلشير، صاحب ڏنو ولد محمد اسحاق، دائم ولد گلشير ٻٻر گوليو لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ سبب ظفرالله ولد هادي بخش، محمد صادق ولد اسحاق، عبدالرحيم، اشرف ولد رفيق ٻٻر زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاء، پوليس غائب، مقتولن جا مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي، علائقي ۾ هڪ ئي وقت پنج جنازا کڄڻ وقت هر اک آلي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي دودا پور ٿاڻي جي وڏي منشي محمد رفيق ڪال پڻ اٽينڊ نه ڪئي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو