دوداپور: (ن س) دوداپور ڀرسان اوستا محمد ۾ بخشلاڻي ۽ دستي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.دوداپور جي ميرانپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ريحان جمالي واسي نواب بخشلاڻي ۽ گل حسن بخشلاڻي مٿان اوستا محمد ۾ هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا قتل ٿي ويا. اهڙي اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻا لاش وصول ڪرڻ لاء اوستا محمد پهتا جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.پوليس موجب واقعو بخشلاڻي ۽ دستي برادري وچ ۾ پراڻي خوني تڪرار تان پيش آيو آھي ٻنهي ڌرين ۾ خوني تڪرار هلندڙ هو جنهن دوران هن مهل تائين چار ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن جنهن ۾ 3 ڄڻا بخشلاڻي جا ۽ هڪ ڄڻو دستي شامل آھي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.










