دوائن جي اگهن ۾ اضافو عوام سان ظلم آهي، مراد شاهه

دوائن جي اگهن ۾ اضافو عوام سان ظلم آهي، مراد شاهه

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي نه آهي، وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي سموري صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري پئي. اهڙو اظهار هن دڙي سندراڻي ۾ پي پي ايم پي اي مير غلام عابد خان سندراڻي جي ننڍي ڀاءُ ماجد خان سندراڻي جي وفات تي فاتحه ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. 42 سالن جو ماجد خان سندراڻي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو هو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون، وفاقي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو، شيخ رشيد جي ڳالهين کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي، اُن جي باري ۾ سڀني کي خبر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو