دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، صدر

دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، صدر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. صدر آصف علي زرداري ۽ گهرو وزير محسن نقوي چڪلالا ۾ شهيد ٿيل فوجي اهلڪارن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهيدن جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري مير علي حملي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي دهشتگردن کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آصف علي زرداري چيو ته اسان جا بهادر ڀائر، پٽ ۽ دوست سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن، دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙن کي جواب ڏينداسين.هن وڌيڪ چيو ته واعدو ڪريون ٿا ته اسان جي پٽن جو رت رائيگان نه ويندو، پاڪستان جو عوام ۽ فوج گڏ آهن، گڏجي دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين. گهرو وزير محسن نقوي به مير علي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ پاڪ فوج جي شهيدن جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو.گهرو وزير چيو ته پاڪ فوج جي بهادر جوانن جرئت سان دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا، اسان جون همدرديون شهيدن جي خاندانن سان آهن. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم متحد ۽ فوج سان گڏ بيٺل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو