دل جي بيمارين بابت آگهي سيمينار منعقد

خيرپور (سجاد علي ڪٻر) دل جي بيمارين بابت شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ هر سال ملهائجندڙ عالمي ڏينهن جي حوالي سان گمبٽ جي گمس نالي اسپتال ۾ سيمينار منقعد ڪيو ويو، سيمينار ۾ مهمان خاص طور ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي، مهمانن طور ايم ايس ڊاڪٽر ماجد منگي،دل جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر عاشق کوسو،ڊاڪٽر قادر بخش ڀٽو،ڊاڪٽر مدثر ڊار،ڊاڪٽر فرحان علي،ڊاڪٽر نصير محمد، ڊاڪٽر رياض حسين سميت ٻين ڊاڪٽرن،پروفيسرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.

World Heart day Seminar, Photo Sindhyar

دل جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان گمس ڊائريڪٽر ۽ دل جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته دل جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد صرف ماڻهن کي اگاهي ڏيڻ آهي پر دل انسان جو خاص عضوو آهي جنهن کان سواءِ انسان زنده نٿو رهي سگھي. جيڪڏهن ماڻهون پنهنجي دل کي محفوظ ۽ تندرست رکڻ چاهين ٿا ته اهي سڻڀ وارن،کاڌن، سگريٽ نوشي کان پاسو ڪن ۽ روزانه جي بنياد تي واڪ ڪن ته جيئن دل جي حوالي سان هر ماڻهو تندرست رهي سگھي. جن ماڻهن جو وزن وڌيڪ هجي ٿو يا ضرورت کان وڌيڪ کاڌو واپرائين ٿا ۽ صاف سٺو کاڌو استعمال نه پيا ڪن اهي ماڻهو هميشه دل جي مرضن ۾ وٺجي وڃن ٿا. هرماڻهو کي گھرجي پنهنجي دل جو خيال رکن. وڌيڪ ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته گمس سنڌ جو اهو واحد ادارو آهي جتي سڄي ملڪ مان مريض علاج لاءِ اچن پيا. گمس اسپتال ۾ فري علاج ڪيو وڃي پيو. دل جي مريضن لاءِ اينجيوگرافي، اينجيو پلاسٽي، دل جي شريانيون بند هجن ته انهن جو بهترين علاج گمس ۾ موجود آهي ۽ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر گمس ۾ موجود آهن. ماڻهن کي گھرجي ته دل جي تڪليف هجي ته فورن لاڳاپيل ڊاڪٽر سان رابطو ڪري پنهنجي دل کي محفوظ ۽ تندرست بڻائي سگھن ٿا.پروگرام جي آخر ۾ دل جي سرجن ڊاڪٽرن کي مڃتا ايورڊ پڻ ڏنا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو