دفاع جي نالي ورتل زمين فوج نجي پارٽين کي ڪهڙي اختيارهيٺ ڏني؟

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي پاران رياستي زمين نجي پارٽين کي ڏيڻ تي ناراضگي ظاهر ڪندي سپريم ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته قبضا ختم ڪرڻ، غيرقانوني اڏاوتون ڊاهڻ ۽ حد دخليون ختم ڪرڻ بابت جنوري ۾ ڏنل فيصلي تي عمل ڪرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس مظهر عالم ميان خيل تي مشتمل بينچ ڪراچي ۾ فيصلي تي عملدرآمد بابت ٻڌڻي شروع ڪئي ته سيڪريٽري دفاع اڪرام الحق ۽ اٽارني جنرل عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪئي. جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته هي ڇا آهي، هي ته لولي پاپ آهي ۽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، عملدرآمد ٿيو ئي ناهي. جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته هي عملدرآمدي رپورٽ آهي لولي پاپ ناهي. جنهن تي عدالت چيو عمل ٿيو آهي ته ايئر فورس وارو شادي حال هن مهل تائين ڇو نه ڊاهيو ويو آهي. جنهن تي اٽرني جنرل چيو ته ڪجهه نقطا رهيل آهن. جج چيو ته دفاع جي نالي ورتل رياستي زمين فوج نجي پارٽي کي ڪهڙي اختيار هيٺ ڏني آهي، توهان کي زمين جي ضرورت نه آهي ته وفاق کي واپس ڪريو. هڪ موقعي تي سيڪريٽري دفاع کي مخاطب ٿيندي عدالت چيو ته اوهان عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ٿا ڪريو؟ اٽارني جنرل ڳالهائڻ چاهيو ته هن کي جسٽس گلزار ماڄ ڪرائيندي سيڪريٽري دفع کي مخاطب ٿيندي چيو ته دفاع کاتي وارا سپريم ڪورٽ جو حڪم نه ٿا مڃن ته پوءِ ڇا عدالت کي بند ڪري ڇڏيون. هڪ موقعي تي جسٽس گلزار احمد ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي افتخار قائمخاني تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان هن مهل تائين ڪجهه ناهي ڪيو ۽ عدالت کان سڌو جيل ويندئو. جسٽس گلزار احمد چيو ته بار بي ڪيو ٽو نائٽ سامهون پارڪ م ٻه وڌيون عمارتون ڇو نه ڊاهيون ويون آهن. قائمخاني چيو ته ان بابت نيب ۾ انڪوائري هلندڙ آهي. عدالت چيو ته نيب ڇا آهي، سپريم ڪورٽ کان مٿي آهي جو عدالتي حڪم تي عمل ۾ نيب جي انڪوائري رڪاوٽ آهي.(ياد رهي ته ٻئي عمارتون زرداري گروپ جون آهن) هڪ موقعي تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي جا پارڪس ۽ گرائونڊ شهيدن جي نالن پويان منسوب آهن ڪهڙي خبر مان به ماريو وڃان يا شهيد ٿي وڃان. جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته شهادت لاءِ اصول ۽ پيمانا آهن. جسٽس گلزار احمد قائمخاني کي مخاطب ٿيندي چيو ته پوري صدر ۾ غير قانوني پارڪنگ ٺهيل آهن جنهن تي هن چيو ته صدر ۾ هاڻي ڪاروائي ڪئي آهي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ شهر کي اصلي  ماسٽر پلان جي تحت بحالي جو حڪم ڏنو هو ۽ مارڪيٽ ۽ ڪنوينشن هال سميت دفاعي مقصد لاءِ حاصل ڪيل زمين تي ڪمرشل سرگرميون روڪڻ جو حڪم ڏنو هو. ان موقعي تي وزير بلديات ءِ ميئر ڪراچي به موجود هئا ۽ عدالت سندن بيانن، جن ۾ هنن چيو هو ته هو عمارتون ڊاهڻ جي حڪم تي عمل نٿا ڪري سگهن. عدالت چيو ڪٿي آهي وزير، کيس توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو جيئن سڀني جو موقف ٻڌي ڪو فيصلو ڪريون. هڪ موقعي تي عدالت ڪي ڊي اي جي سربراه کي ڇنڊ پٽي ته طارق روڊ جي ڇا حالت آهي، سڄو شهر وڪڻي ڇڏيو اٿو، اڃان گهڻا پئسا گهرجن اوهان کي؟. هڪ موقعي تي عدالت گذري ۽ دهلي ڪالوني ۾ اٺ ماڙ عمارتن جي تعمير جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته انهن ۾ پاڻي ناهي ۽ لفٽ به ڪونهي، هي ڪهڙو طريقو آهي. شهر جي حالت خراب آهي، ان کي بهتر ڪريو ۽ جنوري واري عدالتي فيصلي تي عمل ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو