دفاعي نمائش آئيڊياز جو 12 هون ايڊيشن اڄ کان شروع

دفاعي نمائش آئيڊياز جو 12 هون ايڊيشن اڄ کان شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)دفاع واري وزارت ۽ ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن (ڊيپو) جي سهڪار سان 4 ڏينهن واري عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 جو 12 هون ايڊيشن اڄ ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ شروع ٿيندو.نمائش جو افتتاح وزيراعظم شهباز شريف ڪندو، هر ٻن سالن بعد لڳندڙ هن 12هين عالمي دفاعي نمائش ۽ سيمينار ۾ پاڪستان ۽ دوست ملڪن جي دفاعي صلاحيتن، اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي جي نمائش جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته هن عالمي دفاعي نمائش ۾ دنيا جي 55 ملڪن جا 550 کان وڌيڪ نمائشي اسٽال لڳائيندا، ترڪي ۽ چين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.ايران، اٽلي، برطانيه پهريون ڀيرو نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ شامل آهن ڊيپو پاران منعقد ڪيل دفاعي نمائش 19 کان 22 نومبر تائين جاري رهندي.آئيڊياز 2024 ۾ ايشيا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا جا اهم ملڪ خاص ڪري سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، بحرين، ترڪي، ايران، يمن، چين، ڀارت، جپان، ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٻيا ملڪ شامل هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو