ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ناري دعا منگي ۽ زخمي ٿيل سندس دوست حارث جي واقعي کي 14 ڏينهن گذري ويا پر جاچ پوليس اڃا تائين ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي. جاچ پوليس کي اڄ عدالت ۾ ڪيس جو فائيل جمع ڪرائڻو آهي. ذريعن موجب ڪيس جي جاچ آفيسر پاران ڪيس جو چالان جمع ڪرائڻ لاءِ عدالت کان وڌيڪ مهلت وٺڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب ڪيس ۾ هينئر تائين ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب ڪيس اي ڪلاس ٿيڻ جو خدشو آهي.










