دعا منگي جي وارثن کان اڍائي لک ڊالر ڀنگ طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دعا منگي جي اغوا ڪارن جو وارثن سان رابطو ڪري اڍائي لک ڊالر ڀنگ طلب ڪيو آهي. سندس وارثن جو چوڻ آهي ته دعا جي واٽس ايپ نمبر تان ٽي ڀيرا رابطو ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته کين ليڊ ملي آهي ۽ جو ڪوشش ڪري رهيا آهن ته دعا منگي کي ڪو نقصان نه ٿئي. دعا جي مامي اعجاز منگي پوليس جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي چيو آهي ته پوليس ڪجهه ناهي ڪيو ۽ ٽال مٽول ڪري رهي آهي. ياد رهي ته دعا منگي کي ڊفيس جي علائقي بخاري ڪمرشل مان ڇنڇر تي شام جو ان وقت اغوا ڪيو ويو هو جڏهن هوءَ پنهنجي دوست حارث سومرو سان چاءِ جي هوٽل لڳ بيٺل هئي. هٿيار بند ڪار ۾ سوار هئا هڪ کي نقاب پاتل هو. جن حارث کي گولي هڻي دعا کي اغوا ڪيو. دعا جي والد جو چوڻ آهي ته لاهور جي هڪ همراهه سان دعا جو جهڳڙو ٿيو هو ۽ کين مٿس شڪ آهي. جنهن تي شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي اهو آمريڪا ۾ رهندو هو ۽ دعا جي آمريڪا ۾ رهائش دوران ساڻس تعلق به هو.

پهنجو تبصرو موڪليو