ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پوليس دعا زهرا اغوا ڪيس ۾ چالان داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جوڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت ۾ چالان داخل ڪيو، جنهن موجب هن وقت تائين جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته دعا پنهنجي مرضي سان پنجاب وئي هئي، جنهن تي ننڍي عمر ۾ اغوا جو ڏوهه ثابت نٿو ٿئي. چالان ۾ چيو ويو آهي ته دعا زهرا 5 جون تي پنجاب جي علائقي چشتيان مان بازياب ڪئي وئي ۽ 6 جون تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي. چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايم ايل او رپورٽ ۾ دعا جي عمر 16 کان 17 سال ٻڌائي وئي آهي، سندس شادي سنڌ ۾ نه پر پنجاب ۾ ٿي، جڏهن ته ڪيس جي جوابدارن تي سنڌ چائلڊ ايڪٽ لاڳو ناهي، جوابدارن تي ڪيس لاڳو ناهي. چالان موجب دعا زهرا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ايريا مئجسٽريٽ آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. چالان ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ گرفتار غلام مصطفيٰ ۽ اصغر بيگناهه ثابت ٿيا آهن، جنهن تي ٻنهي جوابدارن کي ڪيس مان بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دعا زهرا اغوا ڪيس سي ڪلاس جو آهي، ان ڪري عدالت کي درخواست آهي ته ڪيس جو چالان منظور ڪيو وڃي.










