دريا خان مري (رپورٽ: عبدالرحمان راجپوت) دريا خان مري ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي منگيا ناڪو اسٽاپ وٽ ڪار جو موٽرسائيڪل سوار خاندان کي زوردار ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه عورتون مسمات قزبانو شيخ ۽ مسمات جميلان شيخ موقعي تي ئي فوت ٿي ويون، جڏهن ته 8 سالن جي نينگري رابيل شيخ ۽ محمد اسلم شيخ سخت زخمي ٿي پيا. فوت ٿيل عورتن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي جو شڪار ٿيل فوتين ۽ زخمين جو تعلق شيخ برادري سان آهي، جيڪي فيض گنج جي علائقي سوئي گيس جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا. حادثي بعد جوابدار ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هي افسوسناڪ حادثو مهراڻ هاءِ وي تي منگيا ناڪو پوليس پڪٽ جي بلڪل ڀرسان پيش آيو. حادثي بعد زخمين کي فوري طور ايمبولينس ذريعي رورل هيلٿ سينٽر (RHC) دريا خان مري آندو ويو، پر اتي ڊاڪٽرن توڙي اسپتال جو عملو موجود نه هجڻ ڪري زخمي ڪافي دير تائين تڙپندا رهيا، جنهن کانپوءِ کين ڳڻتي جوگي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.










