نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ )دريا خان مري ۾ مري وڳڻ تڪرار تان مارجي ويل بدرالدين جي وارثن ۽ مري برادري 24 اپريل تي قومي شاھراھ مورو ۽ 25 اپريل تي مھراڻ ھاء وي منگيا موري وٽ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي دريا خان مري ويجھو کنڊو مري م مقتول بدرالدين مري جي والد غلام حيدر مري چاچي صاحب خان مري ڀاء اعجاز مري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مري برادري ۽ وڳڻ برادري جي ڌرين م ھلندڙ تڪرار سان ڪوبه واسطو نه ھئڻ باوجود وڳڻ برادري جي ھٿياربندن سندن بيگناھ نوجوان کي قتل ڪيو آھي ھنن چيو ته واقعي کي 2 ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس قتل م ملوث ھڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي ڊي ايس پي اعجاز ميمڻ قاتلن خلاف ڪاروائي بدران کين تحفظ ڏئي رھيو آھي ھنن چيو ته مري برادري طرفان 24 اپريل تي قومي شاھراھ مورو ۽ 25 اپريل تي مھراڻ ھاء وي تي منگيا موري وٽ قاتلن جي گرفتاري لاء ڌرڻا ھنياويندا جيڪي قاتلن جي گرفتاري تائين جاري رھندا ٻئي پاسي ايس ايڇ او دريا خان مري نبي بخش جلباڻي ٻڌايو ته جوابدار ڌر گھر خالي ڪري فرار ٿي وئي آھي پوليس طرفان اتي ڪيمپ پڻ قائم ڪئي وئي آھي ھن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي کين جلد گرفتارڪيو ويندو










