درياهه سنڌ ۾ ڄاڄين جي ٻيڙي اونڌي، وڌيڪ 4 لاش هٿ

درياهه سنڌ ۾ ڄاڄين جي ٻيڙي اونڌي، وڌيڪ 4 لاش هٿ

اوٻاوڙو(ن سنڌيار)اوٻاوڙو ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو ڄاڃين جي ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿيئڻ سبب 15 ڄڻا موقعي تي ئي ٻڏي فوت ٿي ويا جن جي لاشن کي ريسڪيو ذريعي ٻاهر ڪڍيو ويو آھي جن ۾ مرد عورتون ۽ ٻار شامل آھن ٻيڙي ۾ سوار 90 کان وڌيڪ ڄاڃين سوار هئا جيڪي کروڙ کان دريائي سفر ڪري ماڇڪو طرف اچي رهيا هئا جتي هي حادثو پيش آيو آهي ٻڏي ويل مان 35 ڄڻن کي زنده بچايو ويو آھي ۽ باقي ٻڏي ويلن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي جڏهن ته صادق آباد ۽ رحيميارخان مان 1122 جون امدادي ٽيمون درياء سنڌ واقع واري هنڌ پهچي ويون آهن جڏهن ته گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا ڪري رهيون آھن۔ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته ھي ٻيڙي ڄاڃن سان ڀريل هئي جيڪا کروڙ کان ماڇڪو طرف اچي رهي هئي جن کي هي حادثو پيش آيو آھي جڏهن واقع واري هنڌ هزارين ماڻهون گڏ ٿي ويا آهن علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو جڏهن ته هر اک آلي هئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو