اوڪاڙهه (ويب ڊيسڪ) ملحو شيخو علائقي ڀرسان درياءِ ستلج ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. واقعي کان پوءِ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت فوري طور امدادي ڪارروايون شروع ڪيون. جڏهن ته ٻيڙي ۾ 30 ماڻهو سوار هئا جنهن ڪري فوتين جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. عيني شاهدن مطابق هن مهل تائين درياءِ مان 7ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جن ۾ 6 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن. جڏهن ته ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري جڳهه تي ٻين ماڻهن جي تلاش لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ريسڪيو ذريعن مطابق ٻيڙي آمد رفت لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي پر اڄ سفر دواران اچانڪ اهو حادثو پيش آيو. متاثره خاندان وارن ٻڌايو ته جنازي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته ٻيڙي اونڌي ٿي پئي .










