ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
سنڌ جي ڪيترن ئي ادارن اندر حراسمينٽ جا سوين وقعه نوٽ ٿيا پر انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان لڪايو ويو جڏهن ته هاڻ سنڌ جي اڪثر تعليمي ادارن اندر اهڙا واقعه ٿين ٿا جن کي وڏي دانشمندي سان لڪايو ٿو وڃي ، ائين سنڌ جي مختلف شهرن سميت راڻيپور ، گمبٽ . ڪوٽ ڏيجي ، خيرپور ، سکر ، روهڙي ، شڪارپور ، لاڙڪاڻه ، جيڪب آباد حيدرآباد ڪراچي ۾ به ڪافي واقعه پيش آيا ، جڏهن ته هاڻ اداره منشيات گهر بڻجي ويا آهن پر هي پاڪستان آهي ، ڪيترو به مسئلو هجي ڏوڪڙن ڏيئي مسئلا دٻايا وڃن ٿا شاگرد ، استاد ، شراب نوشي چرس آفيم پر شيشه هڪو ، ڪرسٽل آئيس به وڏي مقدار ۾ استعمال ڪن پيا ڪجهه ته واقعه اسان جي اڳيان آهن جلد انڪشاف ڪنداسين ، ڪيترن ئي شريف نياڻين کي ادارن ۾ حراسان ڪيو پيو وڃي مارڪن وڌيڪ ڏيئي به دوستي لاء راضي ڪري وڏي ٽيڪنڪ سان ادارن اندر گهڻو ڪجهه پيو ٿئي ، مان سلام پيش ڪندس سنڌ جي يبباڪ بهادر نياڻي ڊاڪٽر پروين رند جي همت جرئت جنهن هاسٽل انچارج رابعه وڳڻ ، دائريڪٽر هاسٽل غلام مصطفا راڄپوت ، ۽ وارڊن کان پنهنجي جان بچائي صحافين اڳيان دانهيو آهي ، جڏهن ته هيومن رائيٽس پيس آف سنڌ جي چيئرمين سيد زوار حسين شاه ايڊوڪيٽ وقار حسين جٽ ، فقير محمد عباسي جرنلسٽس رائيٽرس ، سول سوسائيٽي ٽرٿ فار پيس اينڊجسٽس جي مرڪزي اڳواڻن صدر ذوالفقار خاصخيلي ، جنرل سيڪريٽري صوبه سنڌ بيباڪ بهادر سينئر صحافي شوڪت نوناري ، نائب صدر ظفر ابڙو ، سنڌ جو بيباڪ بهادر قوم پرست شهزور حاڪم ڀٽي سنڌو ، ڪامريڊ مختيار ڀٽي ، ڪامريڊ نزاڪت ڀٽي ، سنڌ جي ناليوواري سماجي سياسي شخصيت صنم راڄپر ، نجيب جوڻو ، شڪيل احمد ، حاڪم علي سهتو هنگورجه ، چيف ايڊيٽر جيل ماء بهترين سماجي شخصيت مينهل خان لاشاري ، ڪامريڊ شاهنواز خان سرڪي صحافي علي شان شاهاڻي ، سٽي پريس ڪلب جي انور ناريجو منظور انصاري وجود علي ، شير محمد ، عامر مهيسر ، اسد عي مجاهد حسين منٺار ڊومڪي ، سهيل ميمڻ ، علي امداد لاڙڪ ڊاڪٽر پروين رند سان پيش آيل واقعي جو شخصت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ، جڏهن ته ف ليگ صوبائي رهنما حبيب الله راڄپر ملير ڪراچي سنيئر صحافي ميمبر ڪراچي پريس ڪلب راهب ڳاهو ، ڪلچر ميڊيا گروپ سرواڻ ساجد لاکو ، به مذمت ڪئي آهي جڏهن ته مان باغي آهيان مان باغي آهيان جيڪڏهن ڪير نعرو هڻندو ته مان سمجهان ٿو ته رياست مدينه پاڪستان جا ڪيترائي ادراه ان احتجاج ڪندڙن کي کنڀي غائب ڪري ڇڏيندا ، اهو ڪڙو سچ آهي جنهن تي ڳالهائيڻ گهرجي ، هر رياست پاڪستان آزاد رياست سان گڏ اسلام جي نالي تي قائم آهي ، شڪر الحمد الله پاڪستان ۾ قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي انهن جي دوستن وڏي جدوجهد ڪري ڪافي محنتن بعد هن ملڪ کي متفق راء بعد پاس ٿيل آئين ڏنو جنهن تي هي ملڪ ان جا اداه ڪم ڪري رهيا آهن پر بدقسمتي سان هن آئين خاص اميرن جاگيردارن ، ڀوتارن ڪرپٽ مافيه قبضا مافيه کي ڪجهه آئيني انسانيت جي ناطي رعايتون به ڏنيون آهن جنهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪرپٽ سياستدان ڪرپٽ آفيسر ان جي سهولت ڪار مٿان ڪرپشن جا الزام هجن ، ته هو بيماري جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري آرام سان ملڪ کان باهر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ علاج ڪرائي سگهي ٿو جيئن ميان محمد نواز شريف سميت خورشيد علي شاه کي به اها رعايت هئي ته سائين جي طبيعت سهي ناهي هو ڪنهن سي اسپتال م داخل ڪرائي علاج ڪرائي سگهي ٿو جتي هر هڪ سان ملڻ جي به اجازت هجي ، ڊاڪٽر عاصم ، پ پ پ رهنما شرجيل ، ميمڻ ، يا عليم خان ، جهانگيرترين به اسان جي اڳيان آهن برحال هي منهنجو موضوع ناهي ، مان اڄ اهو سچ لکڻ ٿو چاهيان جيئن الله سائين اڳيان سرخرو ثابت ٿيان ، جيڪڏهن مان پاڪستان اندر انهن شاگردياڻين يا شاگرد ، سڇ گو جي ڳالهه ڪيان ته ڪيترائي واقعه اڳيان اچن ٿا يونيورسٽي پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ سائينس نواب شاه جي شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، جڏهن ته هن وٽ ثبوت ويڊيو ميسيج وائيس ، زخمن جا نشان به ظاهر آهن جنهن ۾ هن پاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي خطرناڪ انڪشاف پڻ ڪيا آهن.

مان عرض ڪيان ته پاڪستان سميت خاص طور سنڌ ۾ جهڙي ريت سنڌ جي نياڻين سان ظم ٿئي پيو حوس پرست حيوان وحشي ڪيئن ٿا شاگردياڻين نياڻين ، ان يونيورسٽين ڪاليجز ، اسڪولز ، ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن پرهندڙن کي حراسان ڪن پيا زبردستي دوستي رکو خيال رکو رات اچو ماني کائڻ هلو ، ڪوئي ناهي هن وقت ئي جهڙا جمله ڏيئي هن وقت تائين سوين نياڻيون اهڙن درندن جي ور چڙهي ويون هونديون جن جو ڪو ازالو ناهي ٿي سگهي ، انصاف ڪٿان ملي ڪير ڏيئي ، حي حڪومت ڌر ته انهن جي سپورٽر آهي ڪو نه ڪو آفيسر پروفيسر ، ڊاڪٽرس ڊائريڪٽ ، يا وائيس چانسلر جا بهترين سياسي تعلقات هوندا ، الله اڪبر زمين ڇو نه ٿي ڦاٽي جو قيامت اچي ، ڪهڙو ظلم آهي ،سنڌ ۾ نياڻين سان ڪهڙا ڪهڙا ظلم پيا ٿين والدين ڪيئن نياڻين کي ڇڏيندا ، هنن درندن خلاف جيترو به قانوين ايڪشن کنيو وڃي اهو ٿورو اهي تعجب ته اهو به ٿيو ته ڊاڪٽر پروين رند انهن درندن ، جا نالا پاڻ پئي ٻڌائي انهن جي ظلم جا قصا پئي ٻڌائي صرف ان ڪري جو مان بچي آئي آهيان ، متان ڪا بي نياڻي غلام مصطفا راچپوت رابعه وڳڻ جي هٿين چڙهي وڃي ، ڊاڪٽر پروين رند ٻڌايو ته مان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر گلشن ميمن کي دانهن ڏيندي آئي آهيان هن به چپ رهڻ جو چيو هو ان سان جڏهن ته وائيس چانسلر جي نڪ هيٺ اداري ۾ ڇا پيو ٿئي ، الله اڪبر مالڪ هي ڪهڙي رياست آهي جتي هڪ نياڻي انصاف لاء رڙيون پئي ڪري ڪو ٻڌڻ لاء تيار ناهي ، الله اڪبر جڏهن ته سنڌ سڄو هن وقت سراپا حتجاج آهي ، سنڌ جي نياڻي پروين رند سان سڄي سنڌ جو باشعور غيرت مند عوام گڏ آهي ، مان عرض ڪندس ته هن وقت جهڙي ريت سنڌي نيانين هڪ ٽيلنٽ جيڪي هر طرح سان زندگي جي ڏکئي ماحول مان نڪري اها منزل مانين ٿيون يجڪا هر هڪ کي نه ٿي ملي سگهي ، سنڌ اندر جيڪڏهن فرزانه جمالي جي ڳالهه ڪنداسين اها توهان جي اڳيان آهي ڊاڪٽر نمرتا جي ڳالهه ڪيان ته هي دل وڏي اداس ٿئي ٿي جڏهن ته ڊاڪٽر عصمت بعد هي دادو واسي نياڻي سان ٻيو واقعو آهي باقي ته ڪيترائي واقعه رونما ٿيا آهن جن کي اهو ڊڪليئر ڪيو ويو آهي ته هي خودڪشي آهي ، الله اڪبر هي ڪهڙو پاڪستان آهي هي ڪهڙي سنڌ آهي جتي محبت پيار مان ڀائيچاري جو درس ڏنو ويندو هو هاڻ ڇا ٿي ويو آهي ، اڳتي اڃان ڇا ٿيندو جيڪڏهن ڪنهن به نوٽيس نه ورتو ته پوء اهڙن ادارن م نياڻيون ڪوئي به نه موڪليندو ، وڏيرڪي سوچ ڀوتارن جاگيردارن پير ميرن جي اها سوچ ٿي سگهي ٿي ته سنڌ م اهڙا واقعه پيش اچن جنهن سان خوف منجهان کي نياڻيون درس گاهن جو رخ نه ڪن اها حقيقت ٿي سگهي ٿي ، جنهن کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ به اهڙا واقعه پيش اچي چڪا آهن بهترين خاندانن سان تعلق رکندڙ نياڻيون جن کي به خودڪشي جو رنگ ڏنو وڃي ٿو ،
اچو ته عهد ڪيون ته مظلوم ڪير به هجي ڪٿي به هجي اتي پهچي ان جي قانوني مدد ڪيون جيئن اهڙن درندن کي گهٽ م گهٽ موت جي سزا اچي ، اهڙن ڊاائريڪٽر نرسنگ غلام مصطفا راڄپوت ، وارڊن هاسٽل انچارج رابعه وائيس چانسلر گلشن ميمڻ ، کي فوري رياست پاڪستان جا اداره گرفتار ڪن انهن خلاف انڪوائري مڪمل ڪري سزاء موت ملڻ گهرجي جن سنڌ جي اندر تعليمي ادارن م ماحول خراب ڪيو آهي ، هاڻ سنڌ م درسگاهن تي نظر رکڻي پوندي ، جيڪڏهن مان سنڌ جي ننڊن وڏن نجي تعليمي اداره جي ڳالهه ڪندس ته انهن خلاف به ڪيترائي پڪا ثبوت آهن جتي شراب نوشي معصوم نياڻين کي حراسان ڪيو وڃي ٿو ، انتهائي محنتي پرهندڙ نياڻين کي بليڪ ميل ڪيو ٿو وڃي ، انهن جا ويڊيوز ٺاهي بليڪ ميل ڪيو ٿو وڃي منشيات جي نشي ۾ انهن نياڻين يا شاگردن کي هٿ سان ڦاسائي پوء انهن کي به استعمال ڪيو ٿو وڃي ، اسان کي اهڙن ننڍن وڏن تعليمي درسگاهن تي ڪڙي نظر رکڻي پوندي ، پوء ڪراچي هجي نندا وڏا شهر هجن پر راڻيپور ۾ به وڏو انگ آهي جن جا وڏا نالا آهن انهن خلاف به ڪيترائي مرتبه واويله ٿيندي رهي آهي جڏهن ته اهو به ڪڙوس سچ آهي ته ڪيتريون ئي انهن ادارن مان نياڻيون اغوا به ٿي ويون آهن جن کي ادارن جا مالڪان پنهنجي دوستي ۽ ڏوڪڙ استعمال ڪري پنهنجي پيسي جي طاقت سان انهن مسئلن کي برداري بنياد تي اهڙن واقعن کي به لڪايو ٿو وڃي ، جڏهن ته شراب نوشي راڳ محفل سمان جا پروگرام به اسان جي اڳيان آهن جن جي آڙ ۾ سنڌ اندر ڇا ڇا پيو ٿئي ڪنهن کان لڪيل ناهي ، سنڌ هن وقت تعليم جي لحاظ قانون آئين سان غريبن سان وڏيون زيادتيون ٿي رهيون آهن.

جلد انشاء الله پريس ڪانفرنس ڪري ، سنڌ اندر ٿيندڙ تعليمي ادارن اندر جيڪي حرڪتون جهڙي طرح غريب شريف نياڻين کي بليڪ ميل ڪري ادارن ۾ پڙهڻ به نه ڏنو ويو اهي اداره ڇڏي ويون آهن ، انهن کي نيٺ مجبورن تعليم کي خدا حافظ چوڻو پيو ، ڊاڪٽر پروين رند پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري ، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي به نوٽيس وٺڻ جي استدعا ڪئي ڇا نوٽيس ٿيندو يا وري به ائين ڱي خوموشي ٿيندي ، جيئن ماضي ۾ ٿيو آهي
سوال پيدا ٿين ٿا ته رياست پاڪستان ۾ ٻڌندا لکندا هيا سين ته ظبقاتي نظام لاڳو آهي جتي اميرن ، مڊل ڪلاس ۽ عام غريبن لاء شايد آئين قانون ٻيا ٻيا آهن امير چوري ڪري ته پوليس شباسي ڏيئي ، مڊل ڪالس ماڻهون چوري ڪري ته پڪڙي ڇڏي ڏيئي ، پر جيلڏهن عام ماڻهون چوري ڪري ته پوء رياست پاڪستان جا اداره ، ڪيئن ٿا ان غريب کي ٽنگوٽالي ڪن جيئن ٿا ان يکي داسا هڻن ، پوء مان عرض ڪندس ته اهري قانون خلاف اهڙي رياست خلاف نعرو هنندس ته باغي آهيان باغي آهيان جيڪا سزا ڏيو قبول آهي، جتي معصوم نياڻين معصوم ٻارن سان جنسي حيوانگي ٿئي پوء قتل ڪن فوت ٿين ، انهن جي ظالم جي پڪڙ به نه ٿئي جتي مظلوم سان ڏاڍايون ٿين ، جتي ڊاڪٽرن کي جنسي حراسان ڪري ڦاهي ڏيئي اهو هلائين ته هي خودڪشي آهي ، گهٽ ۾ گهٽ هاڻ مان تسليم ان ڪري به نه ڪندس ته سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽرياڻي شاگردياڻي وڏي ڳالهه ڪئي آهي هن وٽ ويڊيوز وائيس ميسيج به آهن ، جيڪڏهن دردندن کي گرفتار نه ڪيو ان جي ايف آء ر تائين ايس ايڇ او وٺڻ لاء تيار ناهي ،
هڪ ڳالهه ته جڏهن کهڙن جي نياڻي ، تهمينه خلجي سان پوليس جو ڪردار ڏٺو ۽ جي ڊبليو سي اڳوان شوڪت نوناري جي بريڪ ٿيل اسٽوري ڏٺي ته ان شخصيت کي سلام ڪيم جيڪو فرض سمجهيم ، ائين ئي سنڌ جي بهادر سماجي سياسي خشخصيت صنم راڄپر جيڪا به جي ڊبليو سي سان تعلق رکي ٿي هن چيو ته سڌ جي هڪ ڇڏي ٻئي تعليمي اداري ۾ اهڙا ڪيترائي حيوان درندا ويٺا آهن هاڻ انهن ادارن جيڪي جتي به هجن تلاشي وٺني پوندي ، برحال مان ماغي آهيان جتي ڪنهن ايڏي وڏي واقعي بعد ڪو خاطر خواه قانوني ڪاروائي نه ٿئي ،
صدر پاڪستان صاحب ، وزيراعظم پاڪستان صاحب ، چيف جسٽس صاحب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، چيف آف پاڪ آرمي صاحب چيف جسٽس صاحب سنڌ هاء ڪورٽ ، وزيراعلي سنڌ ، هر غيرت مند شعور رکندڙن کي عرض آهي ته نياڻين سان جنسي حيوانگي ڏاڍائين بعد حراسمينٽ جي واقعن جو نُٽيس وٺي اهڙو ته فيصلو ٻڌايو جو هر هڪ پاڪستاني شهري پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاء موڪلي ، جيڏهن وائيس چانسلر گلشن ميمڻ اهڙن درندن جو ، سهولتڪار آهي درندن غلام مصطفا راجپوت رابعه وڳڻ ، سميت پهريان به واقعه ٿيا انهن کي فيصله ڪن سزا ملي بس اها خواهش آهي نه ته ڪڙو سچ اهو آهي ته جيئن ٻيا آئين ، ادارن مان نااميد ٿي نعرو پيا هڻن ته مان باغي آهيان مان باغي آهيان ، خدا جي واسطي اهڙن ادارن ۾ ٿيندڙ واقعن کي نه لڪايو ، ظاهر ڪيو ، اٿو گڏجي هر مظلوم جو آواز بڻجون. zawarshah110@yahoo.com










