دراني جي درخواست تي فيصلو ملتوي، ميمڻ جو ريفرنس واپس نيب حوالي

دراني جي درخواست تي فيصلو ملتوي، ميمڻ جو ريفرنس واپس نيب حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني پيش ٿيا. عدالت ۾ آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت ريفرنس جي دائري اختيار نه هجڻ جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 7 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ٻئي طرف احتساب عدالت شرجيل ميمڻ ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ريفرنس جي دائري اختيار بابت درخواست تي به فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته شرجيل ميمڻ ۽ ٻين خلاف ريفرنس احتساب عدالت جي دائري ۾ نٿو اچي.عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس چيئرمين نيب ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو