دبئي(ويب ڊيسڪ)دبئي ۾ دنيا جي هڪ وڏي منعقد ڪيل ايئر شو جي آخري ڏينهن تي هڪ هندستاني فائٽر جيٽ ڪري تباهه ٿي ويو. ميڊيا جي رپورٽن موجب، دبئي ايئر شو ۾ هڪ مظاهري دوران هندستاني جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب، دبئي ايئر شو ۾ هڪ ايروبيٽڪ اسٽنٽ دوران هندستاني هوائي فوج جو مقامي طور ٺاهيل تيجاس جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. هندستاني فائٽر جيٽ مقامي وقت موجب صبح جو 2:10 تي ڪري تباهه ٿي ويو.ميڊيا جي رپورٽن موجب، حادثي جو شڪار جهاز جو پائلٽ فوت ٿي ويو آهي. ڀارتي ايئرفورس ان جي تصديق ڪندي پائلٽ جي پوئنرن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي. انڊين ايئر فورس اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي ته جهاز ڪهڙي فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿيو.ڪٿي پائلٽ جي غلطي ته نه هئي. دبئي ايئر شو دوران روزانو منجهند بعد فضاائي ڪرتب ڏيکاريا ويندا هئا. جنهن ۾ مقامي ماڻهو توڙي پرڏيهي سياح وڏي دلچسپي وٺندا هئا. تيجاس جنگي جهاز ڀارت 2016 ۾ انڊين ايئرفورس م شامل ڪيو هو. هي ٻيو ڀيرو آهي ته اهو جهاز تباهه ٿيو آهي، پهريون ڀيرو 2024 ۾ جنگي مشق دوران به هڪ تيجاس تباهه ٿيو هو. هن جهاز ۾ آمريڪي ڪمپني جنرل اليڪٽرڪ ڪمپني جو انجڻ لڳل هو. ڀارت 2021 ۾ 99 انجڻن جو آرڊر ڏنو هو پر هن مهل تائين کين رڳو 4 انجڻيون مليون آهن، ڪمپني ڪووڊ سبب ڊليوري ۾ دير جو سبب ڄاڻايو هو. المڪتوم ايئرپورٽ تي 17 کان 21 نومبر تائين منعقد ڪيل هن ايئر شو ۾ 200 جي لڳ ڀڳ جهاز، 1500 نمائش ڪندڙ ۽ 450 ويزنري شرڪ هئا.
مشهور خبرون










