ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بحرين تي ايران حملو ڪيو آهي، بحرين جي پرڏيهي وزير گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته ايران خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ڇو ته هو سويلين علائقن کي ٽارگيٽ ڪري رهيو آهي. سريلنڪا لڳ هڪ ايراني سامونڊي جهاز تي آبدوز سان حملو ڪيو ويو آهي، رائٽرز موجب اهو جنگي ايراني جهاز آهي، جيڪو هاڻي ٻڏي ويو آهي، جهاز ۾ سوار 101 ماڻهو لاپتا آهن، سريلنڪا جي فارين منسٽر پارليامينٽ ۾ ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته 79 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي جن مان 32 زخمي آهن، هڪ زخمي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. گمان آهي ته 101 ماڻهو اڃا لاپتا آهن. ايران جي اوڀارين علائقن ۾ وڏو ڌماڪو ٻڌو ويو آهي. اسرائيلي چتاءَ بعد شام پنهنجي لبنان سان سرحد بند ڪري ڇڏي آهي. اسرائيل جي مختلف شهرن ۾ جنگي خطرن سبب سائرن وڄڻ لڳا، ايران هرمز لنگهه ۾ مختلف جهازن تي حملن جي دعوا ڪئي آهي. شهيد ٿيل سپريم ليڊر جي ويجهي ساٿي محمد مخبر چيو آهي ته ايران، آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪندو ڇو ته مٿس ڀروسو ناهي رهيو. اي ايف پي موجب هن رياستي ٽي ويو سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته ايران جنگ جاري رکندو. ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جنگ جو پنجون ڏينهن آهي،ايران، اسرائي ۽ آمريڪي اڏن تي ميزائيلن ۽ ڊرونز سان وري حملو ڪيو آهي. ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جا حملا به جاري آهن. ايران ۾ فوتين جو انگ 800 کان وڌي ويو آهي، لبنان تي اسرائيلي حملن م فوتين جو انگ 12 ٿي ويو آهي. رائٽرز موجب اسرائيل جي دفاع واري وزير اعلان ڪيو آهي ايران جو جيڪو نئون سپريم ليڊر مقرر ٿيندو ان کي به مارينداسين. اربع تي لبنان تي اسرائيلي حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن. صدر ترمپ چيو آهي ته ايران جون فوجي تنصيبات تباهه ڪري ڇڏيون آهن. ڌرين جا هڪٻئي تي حملا جاري آهن. گذريل رات ايران دبئي ۾ آمريڪي قونصليٽ تي حملو ڪيو آهي جنهن بعد عمارت ۾ باهه جا شعلا ڀڙڪي پيا. عرب نيوز جي دعوا آهي ته ان م ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو ۽ باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. امريڪا ڪويت جي پورٽ شعيبه ۾ ڊرون حملي ۾ 4 آمريڪي ريزرو فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ هن وقت تائين آمريڪا جا ڪل 6 فوجي مارجي ويا آهن.
ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ آمريڪي چر پر محدود
اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جاري ڪيل بيان ۾ پنهنجي سمورن قونصليٽ جي غير ضروري عملي کي موڪل ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي شهرين کي چر پر محدود ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي.
سنڌ ۾ ڪمند جو ريٽ مقرر ڪريو ۽ پيڙائي شروع ڪرايو
اطلاعات کاتي جي 32 آفيسرن ۽ ملازمن جي ترقين جي منظوري
اسرائيلي اشتهاري ڪمپنيءَ تي اسٽارلنڪ جي جاسوسيءَ جو الزام
پيٽرول ڪيتري تيزي سان مهانگو ٿيندو ڪجهه چئي نٿو سگهجي
نومبر جي وچ ڌاري اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪنداسين: حافظ نعيم
جي بي ۾ صحت جون سهولتون بهتر ڪرڻ لاءِ سهڪار جي خاطري
اسرائيل ۾ پولنگ، ووٽنگ جي شرح ماضي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا
سُهيل آفريدي جي آزاديءَ لاءِ آواز ڇو نٿو اٿاريو وڃي؟ ناصر عباس
سنڌ ۾ نئين صوبي واري معاملي تي فل اسٽاپ لڳي چڪو
سياسي ڇڪتاڻ وڌي پئي، سياسي انتقامي ڪارروايون عروج تي آهن
گھوٽڪي ڊرينيج رٿا بابت سنڌ جا خدشا
بااثر هجي يا پنهنجي جماعت جو، ڏوھاري کي بخش نه ڪنداسين
شهرين جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي
ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو محفوظ
25 ورهين جي ناري کي قتل ڪندڙ جوابدار بري
ٽي ملڪي سيريز: پاڪستان کي شڪست، سريلنڪا فائنل ۾ پهچي ويو
شادمان ٽائون ۾ حادثو، نوجوان فوت، هڪ زخمي
پاڪستان جي سلامتي ڪائونسل ۾ ويٽو پاور وڌائڻ جي مخالفت
ٺٽي-سجاول باءِ پاس تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار فوت
سياري ۾ گهريلو واهپيدارن کي 8 ڪلاڪ گئس ملڻ جو امڪان










