دادو شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو، شهري پريشان

دادو شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو، شهري پريشان

دادو (ن سنڌيار)دادو شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، شهر جي بچاءَ جي پهرين لائين چوڪ پل ڊهي وڃڻ کانپوءِ شهر کي بچائڻ لاءِ پلان بي تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.پلان بي تحت بائي پاس روڊ تي بره ڪئنال جي ڪنڌيءَ تي رنگي بند جي اڏاوت جو ڪم جاري آهي، هيري مشين جي مدد سان مٽيءَ جي لوڊشيڊنگ ڪري رنگي بند کي 15 فوٽ اوچو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.رپورٽن مطابق منڇر ڍنڍ جو ريلا دادو ڊهي پٽ ٿي ويو آهي، پاڻي هيٺ آيل ماڻهن محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.ڊسٽرڪٽ جيل دادو جي قيدين کي خطري سبب حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف بني سعيد آباد گرڊ اسٽيشن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب بجلي بند ٿي وئي. منڇر ڍنڍ ۾ مختلف هنڌن تي ڪٽ لڳائڻ سبب سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڇڏڻ جو سلسلو اڍائي لک ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو