خيرپور ۾ ڇوڪريءَ جي اغوا جو ڏوهه ثابت،جوابدار کي عمر قيد جي سزا

خيرپور ۾ ڇوڪريءَ جي اغوا جو ڏوهه ثابت،جوابدار کي عمر قيد جي سزا

خيرپور: (ن س) اندرون سنڌ جي علائقي خيرپور ۾ ڇوڪريءَ جي اغوا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا جو حڪم ڏنو ويو. ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت نوجوان ڇوڪريءَ کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار محمد علي چوهاڻ کي عمر قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.عدالتي حڪم ۾ لکيو ويو آهي ته ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار کي هڪ مهينو وڌيڪ قيد ڪاٽڻي پوندي، هي ڪيس 6 سال اڳ اي سيڪشن ٿاڻي تي متاثر ڇوڪريءَ جي وارثن جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو. ٻئي طرف عدالت سزا ٻڌائڻ کانپوءِ جوابدار کي سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو