خيرپور ۾ عدالتي  پيشي لاءِ ايندڙ 3 ڄڻا قتل

خيرپور ۾ عدالتي پيشي لاءِ ايندڙ 3 ڄڻا قتل

خيرپور (ن س )خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ آيل 3 ڄڻا مارجي ويا.فائرنگ جو واقعو خيرپور ۾ فائر برگيڊ اسٽيشن روڊ تي پيش آيو.واقعي کان پوءِ فوري طور تي 2 فوتين جا لاش ۽ 1 سخت زخمي کي سول اسپتال پهچايو ويو، جتي سخت زخمي پڻ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.پويس موجب ٽيئي ڄڻا عدالت ۾ ٽرائل لاءِ وڃي رهيا هئا، واقعو پراڻي دشمني جو نشانو آهي.پوليس مفرور جوابدارن کي حراست ۾ وٺي سندن ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو