خيرپور: (ن س) خيرپور ۾ جي ڊي اي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي ڪارڪنن طرفان سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف مريم توپ چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ڊاڪٽر پيارو ڦلپوٽو، اقبال ڦلپوٽو، صابر سعيد مھيسر، عبدالجبار ٽڳڙ، سڪندر جويو، شاھنواز ڦلپوٽو، عبدﷲ ابڙو ڪري رهيا هئا انهي موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌين جي قتل عام جو منصوبو آهي، ڪئنال اڏڻ سان پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿيندي ۽ سنڌ اندر زراعت جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو، زراعت سنڌي ماڻهن جو جياپو آهي تنهنڪري سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي تان هٿ کنيو وڃي هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جو سودو ڪري چڪي آهي پر ڪوڙيون دعوائون ۽ بيان ڏئي سنڌ جي ماڻهن وٽ پنهنجو ڀرم رکڻ چاهي ٿي، پير صاحب پاڳاري ۽ پير سيد صدرالدين شاهه جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي جي مڪمل طور مخالفت ڪريون ٿا ۽ اهو منصوبو ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.










