خيرپور(ن سنڌيار)سنڌ جي شهر خيرپور ۾ برسات کانپوءِ مختلف بيمارين تيزي سان پکڙجڻ شروع ٿي ويا آهن.ذريعن موجب گيسٽرو جي مريضن جو انگ ايترو ته وڌي ويو آهي جو سڄي ضلعي اسپتال خيرپور کي گيسٽرو وارڊ جو درجو ڏنو ويو آهي.واضح رهي ته ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 1 هزار 33 ٿي ويو آهي.110 ضلعن ۾ 57 لک 73 هزار ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن.اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب مجموعي طور تي 9 لک 50 هزار گهر، 3 هزار 451 ڪلوميٽر روڊ ۽ 149 پلن کي نقصان پهتو آهي.










