خيرپور (سجاد علي ڪٻر) خيرپور ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ وين ۾ خوفناڪ ٽڪرسبب حادثو، 12 مسافر فوت ٿيڻ جا اطلاع خيرپور ڀرسان پراڻي قومي شاهراه تي حسين آباد وٽ وين ۽ بس ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو جنهن ۾ 12 ماڻهون فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سوڌو 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. بس سانگھڙ وڃي رھي ھئي ۽ وين نوابشاهه کان اچي رهي ھئي. واقعي بعد پوليس ۽ ايمبولينسز به پهتيون پر ان کان اڳ زخمي ۽ فوتين جا لاش نجي گاڏين، سوزوڪين ۽ چنگچي رڪشائن ۾ به اسپتال منتقل ڪيا ويا. زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل، خيرپور جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آهي،











