خيرپور: قبرستان ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب ٻارڙي کي دفنائڻ ۾ ڏکيائيون

خيرپور: قبرستان ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب ٻارڙي کي دفنائڻ ۾ ڏکيائيون

خيرپور (رپورٽر)خيرپور جي تعلقي ڪوٽ ڏيجي جي ڳوٺ گوڙ خالو ۾ 6 ورهين جو ٻارڙو ٻڏي فوت ٿي ويو، علائقي ۾ قبرستان مڪمل پاڻي ۾ بيهجي وڃڻ سبب وارثن کي ٻارڙي کي دفنائڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جو لاش ڪلهن تي کڻي 4 فوٽ پاڻي مان گذرڻ بعد سڪي جاءِ تي پهتو ۽ کيس دفنايو ويو.علائقي واسين شڪايت ڪئي ته اسان جي علائقي ۾ گذريل 5 هفتن کان پاڻي بيٺل آهي، گهر ڊهي پيا آهن پر انتظاميه اڃا تائين نه پهتي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو