خيرپور، کجين جو فصل وائرس جي حملي سبب متاثر

خيرپور، کجين جو فصل وائرس جي حملي سبب متاثر

خيرپور (ن س )خيرپور ۾ کجين جو فصل وائرس جي حملي سبب شديد متاثر ٿيڻ لڳو آهي.خيرپور جي علائقن رسول آباد، بچل ڀنڀرو ۽ احمد پور ۾ کجين جا باغ هڪ خطرناڪ بيماري ۽ جيتن (ڪيڙن) جي حملي جي وڪوڙ ۾ آهن، جنهن جي ڪري باغن کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي. باغبان ۽ آبادگار ان صورتحال تي سخت پريشان آهن.زرعي ماهر پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو موجب هي خطرناڪ جيت کجين جي وڻ تي اهڙي ريت حملو ڪندو آهي جو ان جون ٽاريون سڪي وينديون آهن ۽ آهستي آهستي سڄو وڻ خشڪ ٿي ڪري پوندو آهي. هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته وڏي پيماني تي نقصان ٿي سگهي ٿو.ان حوالي سان زراعت کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر اظهر حسين ويسر جو چوڻ آهي ته باغن ۾ ٻن مختلف قسمن جي جيتن جو حملو ڏٺو ويو آهي، زراعت کاتو فيلڊ ۾ موجود آهي ۽ آبادگارن کي احتياطي تدبيرن کان آگاهه ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو