خيبرپختونخواهه ۾ پوليو جا 2 نوان ڪيس ظاهر

خيبرپختونخواهه ۾ پوليو جا 2 نوان ڪيس ظاهر

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ پوليو جا ٻه نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب، هن سال ملڪ ۾ پوليو ڪيسن جو انگ ٽي ٿي ويو آهي، بنون ضلعي ۽ اتر وزيرستان مان ٻه نوان پوليو ڪيس جي تصديق ٿي آهي.اين اي او سي چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ ٽارگيٽيڊ اپاءَ ۽ اثرائتي حڪمت عملي تي عمل ڪيو پيو وڃي. پوليو هڪ لاعلاج بيماري آهي، پر ان کي بروقت ويڪسينيشن ذريعي روڪي سگهجي ٿو.آفيسرن جو چوڻ آهي ته پوليو کان بچاءُ لاءِ هر مهم دوران ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو