خيبرپختونخواهه پوليس لاءِ 50 ڪروڙ رپين جا فنڊ منظور

خيبرپختونخواهه پوليس لاءِ 50 ڪروڙ رپين جا فنڊ منظور

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت چونڊن لاءِ پوليس فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي،پوليس اختيارين موجب خيبرپختونخواهه پوليس لاءِ 50 ڪروڙ رپين جا فنڊ منظور ڪيا ويا آهن،پوليس کاتي چونڊن لاءِ 75 ڪروڙ رپيا گهريا هئا، جڏهن ته نگران حڪومت مالي مشڪلاتن سبب 50 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا،پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته چونڊن لاءِ هر ضلعي کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا، سڀ کان وڌيڪ فنڊ تيل تي خرچ ڪيا ويندا،پوليس اختيارين موجب ايندڙ هفتي ضلعي پوليس کي فنڊ جاري ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو