پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخواهه اسيمبلي به ٽٽي وئي

پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخواهه اسيمبلي به ٽٽي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي اسيمبلي ٽوڙڻ جو پڌرنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل پڌرائي ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي چيو آهي ته هو 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 112 جي شق (1) تحت خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي رهيو آهي.جاري ڪيل بيان ۾ گورنر چيو ته ڪي پي اسيمبلي سان گڏ صوبائي ڪابينا به ٽوڙي وئي آهي. خيبرپختونخواهه جي گورنر غلام علي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 224 جي شق (4) تحت موجوده وڏو وزير نگران وڏي وزير جي مقرري تائين ڪم ڪندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نگران وڏي وزير جي مقرري گورنر کي 3 ڏينهن اندر وڏي وزير ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مشاورت سان ڪرڻي آهي.گورنر جي اعلان موجب، گورنر آفيس ان عرصي دوران مشاورت لاءِ موجود هوندو، بغير ڪنهن رسمي ملاقات جي،خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر کي موڪلي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو