مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي) انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ٽرڪ لاڙڪاڻو کان ڪراچي ويندڙ ڪار کي زوردار ٽڪر هڻڻ سبب قمبر واسي شيراز احمد تنيو ، عبدالرشيد تنيو ۽ عامر علي تنيو موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو عبدالحڪيم تنيو سخت زخمي ٿي پيو فوتين جي ڦاٿل لاشن کي مانجهند پوليس ۽ مقامي ماڻھن هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد کان پوء ڪار کي ڪٽي ڪڍيا ۽ تعلقه اسپتال مانجهند آندو. جتي لاشن جي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو جڏهن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.










