خوشبو ڀيل بازياب نه ٿي، قومي عوامي تحريڪ ۽ وارثن جو ڌرڻو

خوشبو ڀيل بازياب نه ٿي، قومي عوامي تحريڪ ۽ وارثن جو ڌرڻو

سڪرنڊ (راج ڪمار اوڏ) خوشبو ڀيل جي اغوا خلاف قومي عوامي تحريڪ ۽ ڀيل برادري طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين نياڻي بازياب ڪرايو ۽ جوبدار گرفتار ڪريو جا نعره لڳائي رهيا هئا. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي امداد ڪيريو، سنڌي نوجوان تحريڪ جي يوسف ميتلو، موهن ڀيل، جيون ڀيل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هٿيارن جي زور تي ڀيل برادري جي نياڻي اغوا ڪندڙ جوبدار شمن موريجو، عطا موريجو اغوا ڪري ويا مگر پوليس نياڻي بازياب نه ڪرائي سگهي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته خوشبو ڀيل کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڀيل برادي جي هميش ڀيل ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري اسان کي جاني مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پوليس اسان جي نياڻي جي اغوا جو ڪيس به داخل نه پئي ڪري عدالت جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. هنن اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته اسان جي نياڻي بازياب ڪرائي اقليتي برادري مان احساس محرومي ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو