اسلام آباد (اياز مهر) قومي احتساب بيورو سيد خورشيد جي آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي جاچ لاءِ “جي آءِ ٽي” جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن ۾ نيب، ايف آءِ اي ٻين ادارن جا نمائندا به شامل هوندا. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نفيسه شاهه ۽ مولا بش چانڊيو نيب جي ان فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي بدترين انتقام جو مثال آهي ۽ انصاف جي منهن تي چماٽ آهي. 3 مهينا گرفتار رکڻ بعد به ثبوت گڏ نه ڪري سگهيا نه ريفرنس داخل ڪيو ۽ هاڻي نيب چوي ٿي ته ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي ويندي.










