خورشيد شاهه جي آزادي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ٿي وئي

سکر(بيورو رپورٽ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي ضمانت تي آزاد ٿيڻ وارو معاملو هڪ ڏينهن لاء رڪجي ويو. ضمانتي مچلڪا احتساب عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا پر آرڊر نه ملي سگهيو. خورشيد شاهه جي ننڍي پٽ زيرڪ شاهه صحافين کي ٻڌايو ته احتساب عدالت سکر پاران هڪ ڪروڙ جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ کانپوء سپريم ڪورٽ کان آرڊر جي تصديق ڪرائڻي آهي. اڄ جمعي جي ڏينهن تي عدالتي وقت گهٽ هجڻ ڪري آرڊر جي تصديق ناهي ٿي سگهي سڀاڻي سپريم ڪورٽ مان ٿي ويندي. واضح رهي ته نيب خورشيد شاهه ۽ سندس گهرڀاتين سوڌو 18 ڄڻن مٿان 1 ارب 23 ڪروڙ روپين جو ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرايو هو ءٌ هو ٻن سالن کان قيد ۾ آهي، گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ سندس ضمانت منظور ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو