دوحا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان جي وفدن ۾ قطر جي انٽيليجنس چيف عبدالله بن محمد الخليفه جي ٽياڪڙي ۾ ڳالهين جو پهريون دور ڇنڇر تي ختم ٿي ويو۽ ٻنهي ملڪن جي نمائندن گالهين جي نتيجي تائين سيز فائر جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن پنهنجي پنهنجي موقف کان هڪٻئي کي آگاهه ڪيو ۽ سڀاڻي آچر تي ڳالهيون جو ٻيو دور ٿيندو. ٻئي ڌريون پنهنجي ملڪن سان مشوري بعد سڀاڻي اٿاريل نقطن جا جواب ڏيندا جنهن بعد گڏيل بيان متوقع آهي. پاڪستان جو زور آهي ته طالبان حڪومت آمريڪي انخلا کان اڳ ڪيل پنهنجي واعدي جي پابندي ڪري ته هو ڪنهن به گروپ کي پاڪستان خلاف افغانستان جي ڌرتي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا. پاڪستان جو ان ڳالهه تي زور تي آهي تهپابندي مڙهيل تنظيمين بشمول ٽي ٽي پي، بي ايل اي جي افغانستان مدد بند ڪري. ذريعن جو چوڻ آهي ته طالبان جي وفد اها شڪايت ڪئي آهي ته طالبان مخالف قوتن بشمول داعش جي پاڪستان مدد ڪري رهيو آهي. پاڪستان اهڙين الزامن کي اڳ ۾ ئي رد ڪندو ريو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان خلاف حملن واري سوال تي طالبان ۾ واضح گروهه بندي نظر اچي پئي. حقاني گروپ پاڪستان خلاف ڪارواين جو مخالف آهي پر سندس ٻيو گروپ جيڪو حاوي آهي اهو سندن ڳالهه نٿو ٻڌي. اڻ تصديق ٿيل سوشل ميڊيا جي رپورٽن موجب حقاني کي بي اختيار بڻائي کيس نظر بند ڪيو ويو آهي. پاڪستاني وفد جي سربراهي دفاع وارو وزير خواجا آصف ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سفارتڪار ۽ سيڪورٽي فورسز جا نمائندا به شامل آهن. جڏهن ته افغانستان جي نمائندگي طالبان جو دفاع وارو وزير ملا محمد يعقوب ڪري رهيو آهي جنهن ۾ سندن انٽيليجنس جو سربراهه عبدالحق واسق به شامل آهي. ملا يعقوب ، طالبان جي باني ملا محمد عمر جو پٽ آهي. پاڪستان جو موقف آهي ته طالبان افغانستان مان ٿيندڙ حملا روڪين ۽ ٽي ٽي پي خلاف ڪاروائي ڪن. هڪ نقاطي ايجنڊا تي ڳالهيون جاري آهن. ان کان اڳ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو هو ته پاڪستان ڪا به ڇڪتاڻ نٿو چاهي، علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پرامن حل چاهي ٿو، افغان طالبان کي پنهنجي بين الاقوامي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي خدشن کي حل ڪرڻ گهرجي،پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان افغان سرزمين تان دهشتگرد گروپن خلاف تصديق ٿيل ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، پاڪستان قطر جي ثالثي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڳالهيون خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ اهم قدم آهن.










