خلا ۾ پٽاٽن ۽ وونئڻن بعد ساوا مرچ پوکڻ جو تجربو به ڪامياب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چين جي خلائي اداري پاران چنڊ تي پٽاٽا ۽ وونئڻ پوکڻ واري تجربي بعد امريڪي خلائي تحقيقاتي اداري ناسا خلا ۾ ساوا مرچ پوکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. ناسا جي خلابازن انٽرنيشنل خلائي اسٽيشن تي ساوا مرچ پوکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ۽ ان جون تصويرون به جاري ڪيون آهن. ناسا جي ترجمان موجب زيرو ڪشش ثقل تي پوکي جو تجربو گھڻُو پيچيدهه هو، خلائي اسٽيشن تي پوکيل مرچن جو ڪجهه حصو خلا بازن استعمال ڪري ورتو آهي. پر مرچن جو ذائقو، شڪل ۽ عذائيت تي وڌيڪ تحقيق لاءِ انهن کي واپس زمين تي آندو ويندو.

Photo by NASA

آءِ ايس ايس ريسرچ ٽيم ان کي هيل تائين جي سڀ کان ڏکين ٻوٽن جي تجربن مان هڪ قرار ڏنو آهي. ناسا جو پهريان چوڻ هو ته ڪارن مرچن کي ڪيترن ئي خلائي فصلن جي ڀيٽ ۾ پوکڻ وڌيڪ ڏکيو آهي ڇو ته انهن کي ڦٽڻ ۽ ميوو پيدا ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو