خطي ۾ امن لاءِ عالمي ڀائيوارن سان سهڪار لاءِ پرعزم آهيون: آرمي چيف

خطي ۾ امن لاءِ عالمي ڀائيوارن سان سهڪار لاءِ پرعزم آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي ڀائيوارن سان سهڪار لاءِ پرعزم آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪميونسٽ پارٽي چين جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ جيچي جي جي ايڇ ڪيو دوري دوران گفتگو ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ چين جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اسان ڀائيواري کي وڌائڻ جا منتظر آهيون. يانگ جيچي پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن جي تحفظ ۽ علائقائي استحڪام لاءِ قدمن تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا، هن پاڪستان سان سهڪار ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، دفاعي سهڪار، سي پيڪ تي اڳڀرائي ۽ علائقائي سلامتي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو