ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ واپار بابت وزير افغانستان نورالدين عزيز وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ عوام جي خوشحالي ۽ بهتري لاءِ خطي اندر امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ واپار ۽ ڪاروبار کي فروغ ڏئي سگهجي. واپار بابت افغاني وزير سان گڏ ٽرانسپورٽ وارو ڊپٽي وزير صادق الله عابد، واپار، ٽرانسپورٽ ۽ هوابازي جا سينئر افغان عملدار ۽ افغانستان ۾ پاڪستاني سفير عبيدالرحمان نظاماڻي به ساڻس گڏ هئا. ملاقات ۾ صوبائي وزيرن ۾ شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، ڄام اڪرام الله، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير وفد جي آجيان ڪئي ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ افغانين، امن امان، واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي ملڪ ڀائر ملڪ آهن ۽ پاڪستان خاص ڪري ڪراچي افغان شهرين جو ٻيو گهر آهي. افغان وزير نورالدين چيو ته هن ڀيري عيدالفطر گذريل ڪجهه سالن جي ڀيٽ ۾ واحد عيد هئي جو افغانستان ۾ ڪوبه اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو. اسان جي ماڻهن عيد مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ۽ تفريحي سرگرمين جو لطف ماڻيو. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ امن جو دور واپس اچي ويو آهي ۽ اهو امن عوام جي زندگين ۾ خوشحالي آڻيندو. افغانستان جي واپار واري وزير چيو ته پاڪستان سندس گهر وانگر آهي جيڪو اسان جي عوام جي وڏي عرصي کان ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو اڪثر ڪراچي ۾ علاج، سماجي ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ ايندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته امن امان جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير امير خان متقي پاڪستان ۾ پنهنجي هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ امن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي بندرگاهه ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي ۽ مصروف ترين سمنڊ جي بندرگاهن مان هڪ آهي جنهن مان ملڪ جو 60 سيڪڙو ڪارگو سامان ويندو آهي. هن چيو ته هي افغانستان لاءِ بهترين واپاري رستو آهي. ان تي افغان وزير چيو ته هو واپار جي فروغ بابت ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن جو دورو ڪندو. مراد علي شاهه وفد کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون پيش ڪيون ۽ افغانستان جي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










